بابن واهه ٻانڀڻاهه

بابن واهه/ ٻانڀڻاهه: روايت آهي ته هتي ڪڏهن دلوراءِ جي حڪومت هوندي هئي، يعني اروڙ ۽ محمد طور جي وچ تي. دلوراءِ جي گاديءَ جو هنڌ شهر بابن واهه هو. بابن واهه شايد بانبراهه جي بدليل صورت هجي، جنهن مان مراد ٻانڀڻاهه (برهمڻ آباد) هجي، عوام ۾ ائين مروج هو. بابن واهه جي آثارن مان هڪ منارو اڃا تائين سرزمين تي موجود آهي. اهو منارو اڃا سوڌو منصوره جي ڦٽل ماڳن مان شهدادپور ضلعي سانگهڙ کان اٺ ميل ڏکڻ- اوڀر پاسي باقي آهي. اهي آثار جيڪي اصل ۾ منصوره شهر جا آهن، عوام ۾ بانبراهه (برهمڻ آباد) جا آثار ليکيا وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو